سڪل بلاول

سڪل بلاول (راڳ): هي بلاول ٺاٺ جو سمپورن راڳ آهي ۽ بلاول جو پڻ هڪ قسم آهي. هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت صبح جو پهريون پهر آهي، هن راڳ جو وادي سر مڌم (ما) ۽ سموادي سر کرج (سا)آهي. هن راڳ ۾ رکب تمام گھٽ ۽ گلي جي اشاري سان ڏيکارڻو آهي. سڪل بلاول ڪلاسيڪل راڳ جي قانون مطابق اترانگ جو راڳ آهي. يعني سرگم جي ٻٽي اڌ حصي ۾ ظاهر شڪل ٿي پوندي آهي. شاهه لطيف جي راڳ جي روپ ۽ قانون مطابق انهن جو اثر ڪوهياري ۽ سسئي آبريءَ ۾ به نظر اچي ٿو، پر ڀٽائيءَ جي سرن جي چالي جو قانون تار اسٿاني انگ جو آهي، تنهنڪري سڪل بلاول ڪلاسيڪل چالي ۾ اچي ٿو. هن راڳ ۾ ڌيوت (ڌا) کان مڌم (ما) تي اوچتو اچڻ تمام گھڻو خوبصورت انگ لڳندو آهي. هن راڳ جو روپ پڻ وڪرانگ ڏيڊيءَ واري روپ جو آهي. ڪجھه پنڊت ۽ نائڪ هن راڳ ۾ ڪومل نکاد (ني) جو سر به استعمال ڪندا آهن. هن راڳ ۾ گوڙ سارنگ جو انگ به نظر ايندو آهي.
آروهي: سا-گي-ما-ما-پا-نا-ڏي-پا-ڌي-ني-سا
امروهي: سا-ني-ڌي-نا-ڌي-پا-ما-گي-ري-ما-ري-سا
راڳ سڪل بلاول جو ڪلاسيڪل چالو
سا-گي-ما-ما-ري-پا-ما-گي-ما-ري-پا-ڌي-پا-ما-گي-ري-سا
ني-سا-گي-گي-ما-ري-پا-ڌي-ما-ما-پا-ڌي-نا-ڌي-پا-ما-ما-ري-پا-ڌي-ما-ما-گي-ري-سا
سا-گي-ما-پا-ني-سا-ري-سا-سا-ما-ما-ما-پا-ڌي-نا-ڌي-پا-ڌي-ما-ري-پا
ما-گي-ري-گي-ما-ما .


لفظ سڪل بلاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو